دائود بن نصر

دائود بن نصر: بن نصر'>دائود بن نصر عربن جو هڪ امير هو، جنهن سنڌ تي حملي ۾ حصو ورتو هو. ’فتحنامه عرف چچ نامه‘ ۾ علي ڪوفي ڄاڻائي ٿو ته، جڏهن محمد بن قاسم ملتان تي قبضي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن ساڻس ڪيترا سپهه سالار گڏ هئا، جن ۾ هڪ امير بن نصر'>دائود بن نصر بن وليد بن عماني به هو. هنن ملتان تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ اتان جي بت خانن کي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ۽ اتان مال غنيمت حاصل ڪيو. ان ۾ جملي تيرهن هزار ٻه سؤ مڻ سون ۽ ڪيترائي هيرا جواهر شامل هئا، جيڪي داؤد بن نصر، محمد بن قاسم آڏو پيش ڪيا، محمد بن قاسم ضرورت آهر مال پاڻ وٽ رکي، باقي سڄو مال غنيمت خليفي وليد بن بن مروان'>عبدالملڪ بن مروان کي موڪلي ڏنو. محمد بن قاسم پيش قدميءَ جو خيال ڪري، ملتان بن نصر'>دائود بن نصر جي حوالي ڪيو ۽ کيس ملتان جو حاڪم مقرر ڪيو. بن نصر'>دائود بن نصر ملتان جو حاڪم ٿيندي ئي اتي مسجدون تعمير ڪرايون.


لفظ دائود بن نصرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو